Fish Disease

 مڇيءَ کي لڳندڙ بيماريون ۽ اُپاءَ

 

جيئن ته مڇي هڪ جاندار آهي ۽ ان جي ماحول ۾ ٿيندڙ طبعي (Physical) توڙي ڪيميائي (Chemical) تبديلي ان جي صيحت تي اثر انداز ٿئي ٿي نتيجن مڇي بيمار ٿيئي ٿي.

  • بيماري ڇا آهي؟

مڇي جي ڪيميائي ۽ طبئي تبديلي کي بيماري چئبو آهي، انهن بيمارين جو اندازو مڇي جي چرپر، کاڌ خوراڪ مان پڻ معلوم ڪري سگهجي ٿو، بيمار مڇي جون ڪجهه نشانيون هيٺ ڏجن ٿيون.

(الف) بيمار مڇي پاڻي اندر:

  • مڇي جو سُست چُر پُر يعني عام ڏينهن کان مختلف.

  • کاڌ خوراڪ نه واپرائڻ.

  • ڪڏهن ڪڏهن حل ٿيل آڪسيجن جي گھٽتائي ڪري مڇي جو پاڻي جي صطح تي اچي وات کولي ساهه کڻڻ.

  • مڇي جو تڪڙا تڪڙا ساهه کڻڻ

  • مڇي ڪنهن خارش تحت پنهنجو جسم تلاءُ جي ڪنارن سان رڳڙڻ يا گسائڻ.

(ب) بيمار مڇي پاڻي کان ٻاهر:

  • مڇي جي رنگ ۾ تبديلي اچي وڃي ٿي ۽ جسم تي ڦٽن يا زخمن جا نشان ٿي وڃڻ.

  • اکين جو ٻاهر نڪري اچڻ يا اندر دٻجي وڃڻ.

  • کنڀڙن يعني پرن ۽ پُڇه جو ڇڻي وڃڻ.

  • پيٽ جو سڄي وڃڻ.

  • پيٽ مان رت جو اچڻ.

مڇي کي لڳندڙ بيماريون :

  1. خوردبيني جاندارن مان پيداٿيندڙ بيماريون.

  2. ماحول مان پيدا ٿيندڙ بيماريون.

  3. کاڌ خوراڪ سان پيدا ٿيندڙ بيماريون.

       خوردبيني جاندارن مان پيداٿيندڙ بيماريون.

  1. هي جيوڙا يا ڪيڙا تمام ننڍي سائيز جا ٿيئن ٿا جيڪي کليل اک سان نظر نٿا اچن، انهن کي انهن کي خوردبيني (Microscope) ذريعي ڏسي سگھجي ٿو. هي جيوڙا يا ڪيڙا مڇين ۾ تمام خطرناڪ بيماريون پيدا ڪن ٿا. جيوڙن يعني ڪيڙن ما پيدا ٿيندڙ بيماريون هيٺين ريِت آهن.

 

 پڇ ۽ کنڀڙاٽين جو ڇڻڻ (Tail and Fin Rot)

هي بيماري بيڪٽيريا ايروموناس (Aeromonas sp.) ۽ سوڊومناس (Pseudomonas sp.) مان پکڙجي ٿي.

مڇي سُست ٿي وڃي ٿي

کنڀڙن يعني پکڙن جا ڪنارا هلڪا ڪارا ٿي وڃن ٿا.

  کنڀڙا يعني پکڙا ۽ پُڇُ آهستي آهستي ڇڻڻ شروع ٿيئن ٿا.

علاج:

ڪاپر سلفيٽ (Copper Sulphate) 50 ملي گرام في ليٽر پاڻي ۾ حل ڪري متاثر مڇين کي 1 منٽ تائين غسل ڏجي يا ڪلورو مائسٽين  (Chloromycetin)60 ملي گرام في ليٽر پاڻي ۾ حل ڪري 5 منٽ جو غسل ڏيئي پوءِ تازي پاڻي ۾ ڇڏجي. متاثر جڳهه جيڪڏهن گھڻي متاثر ٿيل آهي ته قينچي سان ڪٽي ڇڏجي ۽ پوءِ مرڪيورڪ ڪلورائيڊ (Mercuric Chloride) لڳائجي.

 

  1. پيٽ جو سُجي وڃڻ يا ڊراپسي ((Dropsy

هي بيماري بيڪٽيريا ايروموناس (Aeromonas sp.)  جيڪو خورد بيني جيوڙو آهي ان ڪري پکڙجي ٿي. هي بيماري اڪثر ڪري خراب پاڻي ٿيڻ ڪري ٿيئي ٿي ڇاڪاڻ ته گندو پاڻي جيوڙن جهڙوڪ بيڪٽيريا جي نشو نما آساني سان ٿيئي ٿي ۽ مڇي کي متاثر ڪن ٿا.

علامتون  

  • مڇي جو سُست ٿي وڃڻ.

  • مڇي جي پيٽ ۾ بدبودار پيلو يعني ڦڪو ۽ رت جهڙو پاڻياٺ ڀرجي وڃي ٿو پوءِ مڇي ڦڪڻي جيئان سجي وڃي ٿي.

  • مڇي جا ڇِلَر اُڀا ٿي وـن ٿا، اکيون ٻاهِر نڪري اچن ٿيون .

  • مڇي جو آنڊرو ڳري وڃي ٿو.

علاج

اوڪسي ٽريٽرا سائي ڪلين (Oxytetracycline) يا ٽيرامائسين 10گرام في ڪلو گرام في مڇي جي وزن مطابق خوراڪ ۾ 5 کان 10 ڏينهن ڏيڻ گھرجي. ان کا علاوه تلائن ۾ اڻ وساميل چُن وجھي تلائن جوپاڻي جيوڙن کان صاف ڪجي.

 

(ب) الي يا سيپرو لگنيا (Saprolegnia sp.) مان ٿيندڙ بيماريون.

هي فنگس نما بيماري اهي جيڪا هڪ ڌاڳي نما  نباتات سيپرولگنيا جي ڪري پکڙي ٿي ۽ فنگس جي ٻين ڪيترن ئي جنسن وسيلي پن پکڙجي ٿي اڪثر ڪري جڏهن مڇي جي جسم تي ڪو زخم ٿيئي ٿو يا ڪو ڦٽُ ٿي ٿوته هي مرض آساني سان حملو ڪري ٿوهي بيماري گھڻو ڪري جسم تي لڳي ٿي پر ڪڏهن ڪڏهن ڪلين تي به ڏٺي ويئي آهي.

علامتون


مڇي جي مُنهن ۽ چمڙي اکين توڙي کنڀڙاٽين يعني پکڙن مٿان اڇي رنگ جون ڪپهه نما بناوٽون اڀري اچن ٿيون.  هي فنگس رت جي نالين تائين پهچي ان جي گردش کي روڪي ٿو جنهن ڪري ڪليون متاثر ٿيڻ ڪري ساهه کڻڻ جو عمل پڻ متاثر ٿيئي ٿو. 

علاج

  • پوٽاشيم پر ميگانيٽ (Potassium Permanganate) 1 گرام في 100 ليٽر پاڻي ۾ 90 منٽن تائين 3 ڏينهن غسل ڏجي.

ميلاکائيٽ گرين (Malachite Green) جو 67 پي پي ايم ڳار ٺاهي مڇي کي 10 کان 30 سيڪنڊ تائين ٽٻي ڏيارجي ۽ پوءِ تازي پاڻي ۾ ڇڏجي.

(ج) پروٽوزوا (Protozoa) مان لڳندڙ بيماريون

هي هڪ جيوگھڙي (Single Cell) وارا جاندار ٿين ٿا جيڪي مڇي ۾ خطرناڪ قسم جون بيماريون پکيڙن ٿا. هي عام طور تي مڇي جي ٻاهرين جسم تي رهن ٿا پر ڪڏهن ڪڏهن اندر به رهن ٿا. هنن مان پيدا ٿيندڙ بيماريون هيٺ ڏجن ٿيون.

  1. اڇي داڳ واري بيماري (White Spot Disease):

هن کي اڇي داڳ يا خارش واري بيماري چئجي ٿو، هي بيماري هڪ خوردبيني جراثيمه اڪٿيوفٿيرس ملٽيفِلس (Ichthyophthirius multifiliis) جي ڪري ٿيئي ٿو. هي مڇي جي چمڙي تي ملي ٿو۽ جيڪڏهن هي شدد اختيار ڪري وڃي ٿو ته پوءِ ڪلين تي پڻ حملو ڪري ٿو.

علامتون:

مڇي بيچين ٿيئي ٿي. خارش محسوس ڪري ٿي ۽ پاني اندر ڪنهن کوهري يا سخت شيءِ سان پنهجو جسم گسائي ٿي. مڇي جي جسم تي اڇا داڳ پڻ ٿين ٿا ۽ گنڀڙا يعني پکڙا جسم سان لڳل هوندا آهن.

علاج:

  • ميلاڪائيٽ گرين(Malachite Green) 67 پي پي ايم جي ڳار ۾ 10 کان 30 سيڪنڊ تائين يا ميٿلين بلو (Methylene Blue) جي 1 فيصد ڳار ۾ 2 منٽ يا ڪاپر سلفيٽ (Copper Sulphate) جي 25 پي پي ايم جي ڳار ۾ ٽٻي ڏيئڻ بعد تازي پاڻي ۾ ڇڏجي.

جيتن ۽ ڪيڙن سان ڦهلجندڙ بيماريون.

مڇيءَ تي گھڻائي جيت ۽ ڪيڙا ملن ٿا جن مان ڪجھ کليل اکِ سان ڏسجن ٿا ۽ ڪجھ خوردبيني وسيلي ڏسي سگھجن ٿا. هنن مان ڪجھ جسم جي مٿان جھڙوڪ کل ۽ کنڀڙن تي رهن ٿا ۽ ڪجھ مڇي جي اندر جھڙوڪ کلين، پيٽ، اکين ۽ گوشت ۾ رهن ٿا.

ا . ڊيڪٽائلوگائراسس  Dactylogyrasis:

 هي خوردبيني ڪيڙو مڇي جي کلين جي اندر  ڦڻي نما يعني گِل فلامنٽس (Gill filaments) تي حملو ڪري ٿو هن سان لڳندڙ بيماري کي ڊيڪٽائيلو گائراسس (Dactylogyrasis) چئجي ٿو.

علامتون:

مڇي ۾ بي چيني نظر اچي ٿي، ساهه کڻڻ ۾ تڪليف محسوس ڪري ٿي ۽  ڪليون پيليون يعني ڦڪيون (Yellow) ٿي سُڄي پون ٿيون.

علاج:

فارملين 100 ليٽر پاڻ ۾ حل ڪري، مڇي کي ٻن منٽ تائين ان ۾ رکي پوءِ تازي پاڻي ۾ ڇڏڻ گهرجن يا کاڌي واري لوڻ جو  2.5% ڳار ٺاهي بيمار مڇين کي 15 منٽ جو غسل ڏجي ۽ پوءِ تازي پاڻي ۾ ڇڏجي.

ب . گائروڊيڪٽائيلس  Gyrodactylus:

هي خوردبيني ڪيڙو مڇي جي چمڙي ۽ پکڙن تي رهي ٿو هنجي شڪل ڊيڪٽائيلو گائراسس  جھڙي هوندي آهي.

علامتون:

مڇي ۾ بي چيني نظر اچي ٿي، کل تي ڳاڙها داڳ تي وڃن ٿا پکڙا ٽٽي سڪي وڃن ٿا ۽ مڇي جي رنگت زرد يعني پيلي ٿي وڃي ٿي.

علاج:

فارملين 100 ليٽر پاڻ ۾ حل ڪري، مڇي کي ٻن منٽ تائين ان ۾ رکي پوءِ تازي پاڻي ۾ ڇڏڻ گهرجن يا کاڌي واري لوڻ جو  2.5% ڳار ٺاهي بيمار مڇين کي 15 منٽ جو غسل ڏجي ۽ پوءِ تازي پاڻي ۾ ڇڏجي.

پ . جوئن جو مرض Leeches

آرگولوسس  (Argulosis)

هي بيماري هڪ گول نيم شفاف مفت خور ڪيڙي جنهن کي آرگولوسس يعني مڇي جي جونءَ چئجي ٿو کليل اک سان باآساني ڏسي سگھجي ٿو. هي عام طور تي مڇي جي منهن، چمڙي، مٿي، کلين، پکڙن ۽ چپن تي حملو ڪري جسم مان رتُ چوسي ٿو ۽ مضبوطيءَ سان چنبڙيل رهي ٿو.

علامت:

مڇي بيچين ٿيئي ٿي. خارش محسوس ڪري ٿي ۽ پاڻي اندر ڪنهن کوهري يا سخت شيءِ سان پنهجو جسم گسائي ٿي ۽ مڇي جي جسم تي زخم ٿي پون ٿا انهيءَ ڪري مڇي ڪمزور ٿي پئي ٿي.

علاج؛

  • پوٽاشيم پر ميگنيٽ (Potassium Permanganate) 1 گرام في 100 ليٽر پاڻي ۾30 کان 45 سيڪنڊ جو غسل ڏجي.

  • آرگينوفاسفيٽ (Organophosphate) جيت مار دوائن جھڙوڪ ڊائي لوڪس (Dylox) يا ڊپٽريڪس (Dipterex) کي جيڪڏهن 0.25 پي پي ايم جو ڳار ٺاهي تلائن هر پنجن ڏينهن بعد 3 کا 4 مرتبه ڏجي ته بهتر نتيجا حاصل ٿيندا.

لرنياسس (Lernaeasis)

هي مفت خور لرنيا (Lernaea cyprinacea) پڻ مڇي جي جسم مان رتُ چوسي ٿو ان ڪم لاءِ هن جي مٿي ۾ لڳل اينٽينا جھڙيون بناوٽن هونديون آهن انهن ذريعي مڇي جي جسم تي  مضبوطي سان چنبڙي پوءِ ڇِلڙن هيٺان  وڃي جسم مان رتُ توڙي جوس  چوسي ٿو  جنهن ڪري مڇي جي جسم تي زخم ٿي پون ٿا.

علامتون:

جتي هي ڪيڙو هوندو آهي اتي ڳاڙها داغ يا زخم نظر ايندا آهن.

علاج؛

لرنياکي احتياط سان فوريپ (Forceps)  چمٽي ذريعي مڇي جي جسم تان لاهي بعد ۾ ڪاپر سلفيٽ جي ڳار سان غسل ڏجي. آرگولوسس جي علاج جيئان هنن کي به آرگينوفاسفيٽ (Organophosphate) استعمال ڪري سگھجن ٿا. تلاءَ جو پراڻو پاڻي  ڪڍي نئون پاڻي ڀرجي.

ماحول مان پيدا ٿيندڙ بيماريون

گرمي پد يعني درجه حرارت (Temprature) پاڻي جي گرمي پد ۾ اچانڪ تبديلي مڇي جي صيحت تي برو اثر وجھي ٿي۽ بيمار ڪري موت جو سبب بڻجي ٿي. گھڻو گرمي پد آڪيجن جي کوٽ جو سبب پڻ بڻجي ٿو ۽ گھٽ گرمي پد مڇي جي قوتِ مدافعت تي اثر وجھي ٿو.

  • آڪسيجن جي ڪمي (Anoxia)

هي مرض پاڻي ۾ آڪسيجن جي ڪَمي جي ڪري پيدا ٿيندو آهي. جڏهن آڪسيجن پاڻي ۾mg/liter 2کان گهٽ ٿئي ٿي ته مڇي کي ٻُوسٽ / گُهٽ ٿئي ٿي ۽ مڇي ساهه کڻڻ جي تڪليف کان مري وڃي ٿي.

علامتون:

مڇي پاڻي مان بار بار  مُنهن ٻاهر ڪڍي تڪڙوتڪڙو ساهه کڻي تي، جنهن جي ڪري پاڻي ۾ بُل بلا يا جهڳ ٺهي ٿي.

 علاج:

پاڻي ۾ ايريئٽر يعني هٿرادو آسيجن مهيا ڪجي. 

  • پي ايڇ (pH)

  • پي ايڇ يعني هائيڊروجن آئنز جو پاڻي اندر مقدار، جيڪڏهن انهن جو مقدار وڌندو ته پاڻي اساسي ٿي ويندو ۽ جي انهن جو مقدار گھٽبو ته تيزابي ٿي ويندو. اهڙي طرح پي ايڇ جي اچانڪ تبديلي مڇي جي صيحت تي اثر انداز ٿيندي. پاڻي ۾ تيزابيت وڌڻ ڪري مڇي جي کلين جو رنگ ڀورو ٿي ويندو ۽ اساسيت وڌڻ سان مڇي جا پکڙا ڦاٽي پوندا.

جيڪڏهن پاڻي ۾ تيزابيت وڌي وڃي ته ان ۾ چُن استعمال ڪجي ۽ جيڪڏهن اساسيت وڌي وڃي ته پوءِجپسم جو استعمال ڪرڻ گهرجي.

  1. خوراڪ جي ڪمي سان پيدا ٿيندڙ بيماري

علامتون :

مڇي کي پوري مقدار ۾ کاڌو نه ملڻ ڪري سندس عضوا ٽيڏا يا سوڙها ٿي مڙي ويندا آهن.

خاص ڪري انهن حصن ۾ پروٽين ۽ وٽامنس ۽ ڪئلشيم جي گهٽتائي جي ڪري ٿيءِ ٿي.

علاج :

مڇيءَ کي هميشه پوري خوراڪ ڏيڻ گهرجي جن ۾ پروٽين، ڪاربو هائيڊريٽ، چڪنائي يعني سڻڀ، نمڪيات ۽ وٽامن ڪافي مقدار ۾ هئڻ گهرجي.


زياده گرمي يا ٿڌي موسم ۾ مڇي جي خوراڪ گهٽائي ڇڏجي.